دوڙ: رهواسين جو ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو

دوڙ ۾ رهواسين پاران کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويل ٻارڙن واري واقعي ۽ ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪچري واري پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل  2 معصوم ٻارڙن واري واقعي خلاف فوتي ٻارڙي جي والد محبوب بروهي، صحافي غلام مصطفي بروهي، سعيد خاصخيلي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هنن ڪيترائي ڀيرا کڏ پورڻ لاءِ انتظاميه کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به  کڏ کي پورائڻ لاءِ ايڪشن ن ورتو جنهن سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي کڏ کي پورائي وڌيڪ ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.