نواز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي آرمي چيف، وزيراعظم ۽ ٻين طرفان تعزيت جو اظهار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، وزيراعظم عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا، بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان به نواز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله پاڪ مرحومه جا درجا بلند فرمائي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر خاندان سان ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، دعا ٿو ڪيان ته الله پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوارن کي صبر جي توفيق ڏئي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، وفاقي وزير شيخ رشيد، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين به نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ متاثر خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.