گمبٽ: سنڌ بار جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران تقريب ڪوٺائي وئي

گمبٽ  سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن  پاران تقريب منعقد ڪئي وئي.

جنهن ۾ سيد نورالھدا شاھ جيلاني ،سيد فقير شاھ ،سميت گمبٽ، خيرپور، صوڀو ديرو ،راڻي پور، ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ ڪوٽڏيجي بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ لائيرس پينل جي سرواڻ اڳوڻي ۽ ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن چيو ته ته وڪيلن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاء سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھيون،

تقريب ۾ سنڌ جي مشهور فنڪار شمن علي ميرالي سنڌ جا قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا به پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.