ميروخان : ڳوٺاڻن جو پوليس عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو

ميروخان  ۾ ڳوٺاڻڻ پاران  پوليس اهلڪارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ صابن چنو جي رھواسين عبدالرحمان کوکر ، محمد نواز چنو . غلام شبير لنجواڻي  ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي الزام هڻندي چيو ته ميروخان ٿاڻي تي سالن کان  مقرر جمعدار قاسم گوپانگ بداخلاق پوليس اهلڪار آهي جيڪو شهر ۽ تر جي معزز ماڻهن سان بداخلاقي سان پيش اچي رهيو آهي.

هنن چيو ته شھدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ميروخان ٿاڻي جو جمعدار بداخلاقي ۽ بدتميزي ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميروخان ٿاڻي جي جمعدار قاسم گوپانگ کي فوري طور هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.