ڪرمپور: زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

ڪرمپور ڀرسان اوڳائي برادري جي ٻن جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ فاضل اوڳاهي ۾ زمين جي تڪرار تان اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالصمد اوڳاهي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته صدام حسين۔ غلام حسين۔ ۽ مصطفي اوڳاهي زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.