پنجاب حڪومت جو شهباز شريف ۽ حمزا کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي سبب ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پنجاب جي جيل کاتي جي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي پيرول تي آزاد ڪيو ويندو، پيرول تي آزادي قانوني ۽ اخلاقي حق آهي.

هن چيو ته درخواست اچڻ تي پيرول تي آزادي جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته عطاالله تارڙ ۽ شريف فيملي جي مٽن مائٽن کي جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني آهي.

سندس چوڻ هو ته وڏي وزير عثمان بوزدار سميت اسان سڀ انهن جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.