اجازت نه ملڻ باوجود جلسي تي حڪومتي ميمبر اپوزيشن تي مڇرجي پيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ باوجود پشاور ۾ پي ڊي ايم جلسي تي حڪومتي ميمبر اپوزيشن تي ڏمرجي پيا.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته عدالتي حڪم باوجود جلسا ٿيڻ قانون جا بخيا اڊيڙڻ برابر آهي، ڪورونا جي شديد خطرن ۾ عوام جون زندگيون داءَ تي لڳائڻ ظلم آهي.

 

سندس موجب معمولي سياسي فائدي لاءِ بي ڏوهه انسانن ۽ ڪارڪنن جي زندگين سان کيڏڻ مفاد پرست سياسي ٽولي جي ذهنيت وائکي ڪري ٿو، پيمرا کي عوام جي صحت لاءِ خطرناڪ سرگرمي نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري به ٽوئيٽر جو سهارو وٺندي اپوزيشن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن پنهنجي ٻه ڪلو گوشت لاءِ سڄي ڳئون ذبح ڪرڻ چاهي ٿي، نادانو جيڪڏهن بيماري پکڙجي ٿي ۽ ماڻهن جون زندگيون داءَ تي لڳن ٿيون ته ڇا جي سياست؟

هن چيو ته سياست زندگي جي قدرن سان گڏ آهي، جيڪڏهن زندگي ئي چئلينج ٿي وڃي ته سياست ڇا هجڻ گهرجي، پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪيو، جيڪڏهن جلسن جو وڌيڪ شوق اٿوَ ته ورچوئل جلسا ڪيو.

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ پي ڊي ايم جي جلسي تي ردعمل ڏيندي چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ 11 ڪي وي جي لوڏي کانپوءِ اهي پنهنجون ئي ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڃرائي ويهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.