پي ڊي ايم کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کي جلسن جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال کي ڏسندي پنجاب حڪومت طرفان پي ڊي ايم کي لاهور ۽ ملتان ۾ جلسن جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنجاب حڪومت موجب تحريري اجازت کانسواءِ جلسن تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ باوجود پي ڊي ايم اڄ پشاور ۾ جلسو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.