”عوام جي احتجاج تي استعيفيٰ جو چوندڙ عمران خان جو رهڻ هاڻ جائز ناهي“

 

سوات (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ جي نالائق ترين حڪومت آهي، حڪومت خلاف ڪراچي کان چترال تائين عوام سراپا احتجاج آهي.

سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته عمران خان ڪوڙ نه ڳالهائڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن ڪوڙ کي يوٽرن جو نالو ڏنو، وزيراعظم 800 ڏينهن ۾ مديني جي رياست ڏانهن ڪهڙو قدم کنيو، وزيراعظم روزگار فراهم ڪرڻ جو به واعدو پورو نه ڪيو.

هن چيو ته هڪ وفاقي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو هو اسان جي حڪومت ختم ٿي رهي آهي، ان وزير چيو هن حڪومت اسان سڀني کي به بدنام ڪيو آهي، هيءَ نالائق ترين حڪومت آهي.

سندس موجب عمران خان واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن عوام هن جي خلاف احتجاج ڪيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، هاڻ ته ڪراچي کان گلگت ۽ چترال تائين گهٽي گهٽي ۾ گوڙ آهي، هاڻ عمران خان لاءِ حڪمران رهڻ جائز ناهي.

سراج الحق چيو ته حڪومت قوم کي مايوس ڪيو آهي، جماعت اسلامي اڪيلي جدوجهد ڪري رهي آهي، ڪجهه ماڻهن جي مفاد لاءِ پي ڊي ايم اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين، پي ڊي ايم ان گهوڙي تي سوار ٿيڻ چاهي ٿي، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳ کان موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.