ڪنڊيارو: جي يو آءِ پاران ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۽ ختم نبوت ڪانفرنس جي حوالي سان جاڳرتا ريلي

ڪنڊياري ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاران ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ  ختم نبوت ۽ شھيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

جي يوآء ڪنڊيارو پاران جامعه مسجد کان مولانا محمد رمضان خاصخيلي ۽ مولانا عبدالمجيب سومرو جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي محبت ديرو روڊ حامد اڄڻ اسٽاپ وٽ پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمودسومرو جون دين ۽ ڌرتي لاء مڃيل خدمتون موجود آھن،ھن کي شھيد ڪندڙ ۽ انهن جا ساٿاري اڄ به خوار ۽ دين جا دشمن سڏيا وڃن ٿا.سندس قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي.

هنن چيو ته 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ لکين ماڻھن جوسمنڊ  بي دين قوتن ۽ ظالم حڪمرانن کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريندو ته اسان جو ملڪ حضرت محمد مصطفي`صه جي سچن عاشقن ۽ اسلام جي سربلندي لاء جان جو نذرانو پيش ڪندڙن جو ملڪ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.