ٽنڊو محمد خان: سنڌي سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل رد ڪرڻ خلاف احتجاج

ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي اديبن , دانشورن , شاعرن , فنڪارن , ۽ سماجي ڪارڪنن پاران قومي اسيمبلي جي  انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي  طرفان سنڌي ٻوليءَ سميت ستن ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل  رد ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي .

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن اعظم ڀٽي، آغا جان آغا , رفيق آس لغاري , گل خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سڄي دنيا ۾ ٻولين کي خاص اهميت حاصل آهي، سنڌي ٻولي سميت ٻيون ٻوليون موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، گنڌارا، هڙاپا ۽ قديم تهذيب واريون ٻوليون آهن جيڪي قومي تاريخ جو حصو ۽ ورثو محفوظ رکن ٿيون. جن کي  قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته جي غير سنڌي ميمبرن شائونسٽ سوچ جو مظاهرو ڪندي بل کي رد ڪيو آهي، ، اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي اهڙو ڪو به اختيار ناهي ته  اهڙن حساس قومي مامرن کي نفرتن جي حوالي ڪري.

سندن چوڻ هو ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ادبي سنگت  ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي  جيستائين سڀني ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.