اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ ڪيٽوڪ درياهه ڀرسان اسپن وام جي علائقي ۾ گذريل رات آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي علائقي جو گهيرو ڪيو ته دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سپاهي صدام شهيد، جڏهن ته 2 جوان زخمي به ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.