نواز ۽ شهباز شريف جي ماءُ بيگم شميم اختر لاڏاڻو ڪري وئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ماءُ بيگم شميم اختر لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

ن ليگ اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تصديق ڪئي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

ذريعن موجب بيگم شميم اختر جي طبعيت گذريل هڪ مهيني کان خراب هئي پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان هوءَ تمام گهڻي بيمار هئي ۽ سندس لاڏاڻو ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ۾ ٿيو.

شريف خاندان جي ذريعن موجب بيگم شميم اختر جي جنازي نماز لنڊن ۾ ئي ادا ڪئي ويندي ۽ سندس مڙهه سڀاڻي پاڪستان لاءِ روانو ڪيو ويندو پر نواز شريف جو پاڪستان اچڻ جو ڪو امڪان ناهي.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، وفاقي وزير شيخ رشيد، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي ۽ ٻين نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ متاثر خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.