ٺٽي ۾ صحافي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو(بيورو چيف) ڪيٽي بندر جي صحافي ماجد شبير ملاح کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو داخل ڪرڻ توڙي صحافي مٿان تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف ٺٽي ۾ ملاُح برادري پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ محمد حسہ ملاح، اعجاز ماجد ملاح، غلام محمد ملاح ۽ ٻين چيو تہ ڪيٽي بندر جي صحافي کي بلاجواز گرفتار ڪري سخت تشدد ڪرڻ بعد مٿس ھٿ ٺوڪيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ماجد شبير ملاح جي گرفتاري ۾ مقامي ڀوتارن جو ھٿ آھي، جيڪي نٿا چاھين تہ صحافي حق سچ لکي. ھنن چيو تہ سامونڊي جا ماڻھو مصيبتن واري زندگي گذارين ٿا سندن بنيادي مسئلن کي صحافي ماجد شبير ملاح پنھنجي لکڻين ذريعي بلند ڪيو تہ تر جا وڏيرا مٿس مڇرجي ڪوڙو داخل ڪرايو آھي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو تہ جيڪڏھن ماجد شبير ملاح کي جلد آزادي ڪري داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم نہ ڪيو ويو تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.