ڪراچي ۾ڪاليجي استادن جي کوٽ، تعليم متاثر

ڪراچي (پ ر) ڪراچي جي پوئتي پيل علائقن ملير، لياري، ڪورنگي، اورنگي ٽائون، ابراهيم حيدري جي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ سبب شاگرد تعليم کان محروم آهن. جڏهن ته انهن علائقن جي ڪاليجن ۾ مقرر عملو شهري علائقن جي ڪاليجن ۾ بدلي ڪرائي رهيو آهي. ان سلسلي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي جي 130 کان وڌيڪ ڪاليجن مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي نالن سان منسوب ڪاليجن سميت لياري، ملير، گڏاپ، ابراهيم حيدري، منگهو پير، اعظم بستي ۽ ٻين پوئتي علائقن جي اڪثر ڪاليجن ۾ پڙهائڻ لاء استادن جي سخت کوٽ آهي. خاص طور تي سائنس جي مضمونن ۾ پڙهائڻ وارن استادن جي اڻاٺ سبب شاگرد تعليم کان محروم آهن. جن ڪاليجن ۾ سخت کوٽ آهي. انهن ۾ بينظير ڀٽو ڪاليج لياري، بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج لياري، عبدالله هارون ڪاليج لياري، ذوالفقار علي ڀٽو ڪاليج اورنگي ٽائون، ڪمال خان جوکيو ڪاليج، مراد ميمڻ ڊگري ڪاليج، درساڻو ڇنو ڪاليج، ابراهيم حيدري بوائز ۽ گرلز ڪاليج. شرافي ڳوٺ ڪاليج، منگهو پير ڪاليج، جنگل شاهه ڪاليج ۽ ٻيا ڪاليج شامل آهن. ٻئي پاسي سائنس جا سڀ کان وڌيڪ استاد ڊي جي ڪاليج، آدمجي ڪاليج، ايس ايم سائنس ڪاليج، زم زما ڪاليج، سر سيد ڪاليج ۽ ٻين شهري علائقن جي ڪاليجن ۾ مقرر ٿيل آهن. استادن جي کوٽ وارن ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين جو تعليم واري وزير سعيد غني کان مطالبو ڪيو ته پوئتي علائقن جي ڪاليجن ۾ استاد مقرر ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.