مٽياري ۾ مخدوم امين فهيم جي ورسي، قرآن خواني

مٽياري (ڊ ر) مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي پنجين ورسي هالا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، مخدوم محمد امين فهيم جي ورسي جي موقعي تي  درگاھ حضرت غوث الحق  مخدوم سرورنوح جي ولي عھد صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان مزار تي چادر چاڙھي تقريبات جوآغاز ڪيو، جڏهن ته ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان به درگاھ سرور نوح ھالا پھچي مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي مزار تي چادر چاڙهي دعا خير گھري، پاڪستان توڙي سنڌ جي لاء خصوصي دعا پڻ گھري ۽ ضلعي حڪومت پاران مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ھو جڏهن ته عالمي وبا ڪورونا کي مدنظر رکندي ورسي جون تقريبات ايس او پيش تحت مختصر ڪيون ويون آهن. ورسي جي سلسلي ۾ درگاهه سرور نوح تي قرآن خواني ڪرائي وئي. جڏهن ته مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين مخدوم محمد امين فھيم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.