پليجي جي ادب ۾ ساڃاهه سمايل آهي

ٺٽو( ڊ ر ) قومي عوامي تحريڪ ٺٽو پاران اسٽيڊي سرڪل تقريب ناريجا ڳوٺ مڪلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکرو جي رهائشگاھ تي تقريب ٿي گذري تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ ٺٽو جي اڳواڻن آزاد ابراهيم خشڪ, ايڊووڪيٽ منور ڀٽو, ياسر جاکرو , فضل جاکرو فيصل جوکيو اديب دانشور جمن سمون, سينئر وڪيل اعجاز ٻڊاڻي سندس فرزند شاگرد اناس بڊاڻي صحافي اي بي شورو , علي اڪبر ڀٽو , محمد روشن ڀٽو ريحان ڪلھوڙو سميت قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت علمي ادبي ڪتابن سان چاھ رکندڙ نوجوانن جي شرڪت تقريب جي آغاز ۾ نوجوان فضل جاکرو سنڌي ٻولي جا بهترين قومي گيت پيش ڪيا  جنهن دوران کيس تقريب ۾ موجود اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران سٺن الفاظن جي ڀيٽا پيش ڪندي سندس همت افزائي ڪئي ان دوران ايشا۽ جي ڏاهي دانشور رسول بخش پليجو جي لکيل ڪتاب (پسي ڳاڙها گل) ۾ هڪ بهترين ڪهاڻي بختاور جو مطالعو ڪيو ويو جنهن دوران قومي عوامي تحريڪ ٺٽو جي ساٿين تقريب ۾ ڪهاڻي پڙھي جنھن تي اڳواڻن جمن سمون ايڊوڪيٽ اعجاز ٻڊاڻي آزاد خشڪ ايڊوڪيٽ منور ڀٽو ٻين اڳواڻن ڪھاڻي تي زبردست نموني روشني وڌي ان دوران سائين جمن سمون ڳالهائيندي چيو تہ رسول بخش پلیجو هڪ متحرڪ جهدوجد جو نالو آھي سندس طرفان لکيل ڪتاب اسان لا۽ وڏي سمجھ رکي ٿو اسان کي سندس لکيل هڪ هڪ الفاظ کي غور سان پڙھي ۽ سمجهڻ جي ھ پيدا ڪرڻ گهرجي  .رسول بخش پليجو پاڻ سدائين سچ جي واٽ تي رهي عملي جهدوجد ڪئي ۽ ان سان گڏ قلم وسيلي اسان سميت هر ماڻھو ۾ شعور بيدار ڪيو اڄ به سندس ڪتاب اسان لا۽ وڏي سگھ رکن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.