اختر مينگل پاران لسٻيله زرعي يونيورسٽي جو دورو

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ايم اين اي سردار اختر جان مينگل لسٻيله يونيورسٽي ايگريڪلچر واٽر اينڊ ميرين سائنسز وڍ ڪئمپس جو دورو ڪيو، هن ڪئمپس جي سمورن شعبن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي شاگردن کان مسئلا پڇيا، جڏهن ته يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر شير احمد بنگلزئي کيس يونيورسٽي جي مسئلن بابت بريفنگ ڏني، سردار اختر مينگل يونيورسٽي هاسٽل لاءِ ٽرانسفارمر ۽ بجلي جي لائن، بلڊنگ جي پي سي ون جلد مڪمل ڪرڻ، شاگردن لاءِ اسٽڊي ٽرپ، انٽرنيٽ ۽ لائبريري لاءِ ڪتاب فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي، ان موقعي تي مير اڪبر مينگل، شير احمد بنگلزئي، سردار زاده گورگين مينگل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بشير احمد مينگل، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگزامنيشن گل محمد، قاضي عبدالله ۽ ٻيو يونيورسٽي اسٽاف موجود هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.