مذهب مٽائڻ جي عمل کي روڪيو وڃي:پي ايڇ آر ڊي

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان هيومين رائيٽس ڊولپمينٽ جي مرڪزي چئيرمين محمد ساجن پنهور حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم نياڻين سان زيادتين جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ سميت جبري مذهب تبديل ڪرڻ وارن واقعن تي پابندي مڙهي وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستان هيومين رائيٽس ڊولپمينٽ جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري. ان موقعي تي محمد ساجن پنهور چيو ته ملڪ ۾ جنسي ذيادتين جا واقعا افسوس ناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، جنهن جو سبب جنسي ذيادتي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزا نه اچڻ آهي. هن چيو ته جنسي ذيادتين واري واقعن جي ڪمزور ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ڪري بھ جوابدار جلد آزاد ٿيو وڃن. هن چيو ته اقليتي برادري جي معصوم نياڻين جو مذهب تبديل ڪري شاديون ڪرڻ وارا واقعا پڻ وڌي رھيا آھن، جنهن تي پڻ پابندي جي ضرورت آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.