پيرولاشاري ويجهو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع، 12 ٽيمون کيڏنديون

پيرولاشاري (ن ع آ)پيرولاشاري لڳ رپ شريف ۾ سخي محمد اشرف ٿيٻو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽونامينٽ سرپرست اعليٰ علي احمد ٿيٻو جنھن ۾ 12 ٽيمون کيڏي رھيون آھن انھن ٽيمن ۾ رپ اليون .پيرواليون. دنيان اليون .خاصخيلي اليون.شاھين اليون .ملاح اليون.اسٽار اليون. نظاماڻي اليون .حيدري اليون .چانڊيا اليون .رپ زدي اليون گوپانگ اليون ۽ مين آف دي ميچ پيرواليون ورسز الحيدري پري ڪواٽرفائينل فٽ ميچ خاصخيلي ورسز شاھين اسٽارڪواٽر فائينل الحيدري ورسز پيرو ھيروز جي درميان کيڏيو ويندو .

گلگت بلتستان ۾ حڪومت ڪا ڌانڌلي ناهي ڪئي:پي ٽي آءِ مٽياري

اوڏيرولال (ن ع آ ) گلگت بلتستان ۾ ڪابه ڌانڌلي نه ٿي آهي ، عوام پ پ ۽ ن ليگ مان  بيزار ٿي چڪو آهي ، ان لاءِ گلگت بلتستان جي عوام پي ٽي آءِ کي وو ٽ ڏئي وڏي آڪثريت سان ڪامياب ڪيو آهي اهڙن خيالن جو اظها ر پي ٽي آءِ تعلقه مٽياري جي اڳواڻ اڪبر ڇٽو پريس ڪلب اوڏيرولال اسٽيشن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان وڌيڪ چيو ته  پ پ ،۽ نواز ليگ اقتدار دوران ، عوام کي بڪ بدحالي ۽ ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو ،نهن ڪري عوام هاڻ ا نهن پارٽين مان بيزار ٿي چڪو آهي ، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ شرط  انيڪ مسئلن مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍيو آهي هن چيو ته ملڪ جو وزير اعظم عمران خان ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن کي سوڙهو ڪري اربين رپيا واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ، هن چيو ته عمران خان جو مشن آهي ته غريب عوام گهر ، روزگار سميت صحت جون سهولتون ڏئي ڪري انهن کي پنهنجي پيرن تي ٻيهاريون ،هن چيو ته مٽياري ضلعو پي ٽي آءِ جو مظبوط قلعو آهي  ايندڙ اليڪشن انشالله پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.