فرينڊس لٽل بال ڪلب جوهي طرفان آل سنڌ شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ

جوهي (ن ع آ)فرينڊس لٽل بال ڪلب جوهي طرفان مرحوم حاجي محمد يعقوب جمالي جي ياد ۾ 3 روزه پنجين  آل سنڌ شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ  ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارين 20  کان مٿي ٽيمن حصو ورتو. 3 روزه ٽورنائينٽ جو فائينل مئچ اڄ ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي گرائونڊ تي ٿي گذريو جنهن ۾ بهترين راند جو مظاھرو ڪرڻ بعد بعد جوهي جون ٻه ٽيمون فرينڊس ڪلب ۽ لڪياري ڪلب فائينل ۾ پهتيون جڏنهن ته ٽاس کٽڻ بعد ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 25 اسڪور تي بهترين دلچسپ راند جو جنگي مقابلو ٿيو جڏنهن ته 25 اسڪور جي راند ۾ فرينڊس لٽل ڪلب جوهي جي ٽيم جي سمورن رانديگرن مخالف ٽيم لڪياري کي 17  اسڪور تي ماري گرينڊس ڪلب  فائنل کٽي ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.