نوابشاهه ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) 3 ڏينهن اڳ ٽنڊو الهيار ۾ قتل ٿي ويل ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف ايس ٽي پي نوابشاهه پاران ايس ٽي پي هائوس کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن رفيق ملاح، زاهد وسطڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف جسڪاڻي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل هئڻ باوجود پوليس قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي هنن چيو ته اسان الطاف جسڪاڻي جو خون ڪنهن به صورت ۾ لوڙهڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته جيستائين الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.