حيدرآباد جي بلڊر تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي(پ ر) حيدرآباد جي بلڊر ظهير تنيو خلاف نصير آباد ٿاڻي تي مقتول نصرالله اوڍاڻو جي قتل ڪيس ۾ نالو شامل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي حيدرآباد جا بلڊر سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ بلڊر ظهير تنيو حافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو حيدرآباد ۾ ويٺو آهي. سندس خلاف مافيا مقتول نصرالله اوڍاڻو جي قتل ڪيس ۾ نالو شامل ڪرائي ڀتي لاء تنگ ڪري پئي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار شهباز چانڊيو گرفتار ٿيل آهي جنهن پاڻ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته سندس ٻنهي ڌرين سان ڪوبه تعلق ناهي پر ان جي باوجود پوليس به سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي شڪايت ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور عمران قريشي کي ڪئي آهي. ان انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آء جي سنڌ مشتاق مهر ڊي آء جي لاڙڪاڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.