گهاري ۾ صحافي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

گهارو (ن ع آ ) ڪيٽي بندرجي صحافي ماجدشبيرملاح جي گرفتاريءَ خلاف اميرالبحرپاران گهارو ۾ احتجاجي مظاهروڪيوويو. اميرالبحرجي مرڪزي اڳواڻ علي حسن.ملاح.اشرف ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاجي مظاهروڪندي اڳواڻن چيو ته گهوڙاٻاري تعلقي ۾ صحافي ماجدشبيرملاح خلاف پوليس جي انتقامي ڪاروائيءَ مان ثابت ٿي ويوآهي ته سموروعلائقو پوليس اسٽيٽ بڻيل آهي جتي جوصحافي به پوليس جي روايتي ڏاڍ ۽ جبرکان محفوظ ناهي اتي عام ماڻهوسان پوليس ڪهڙي جُٺ ڪندي هوندي.اميرالبحرجي اڳواڻن وڌيڪ چيوته ڪيٽي بندر ۽ گهوڙاٻاريءَ جي پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪندي غريبن سان ڪلورڪري رهي آهي تنهنڪري پوليس گردي ڪندڙ ٻن ايس ايڇ او گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر کي برطرف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.