ٽنڊي آدم ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ، رڌپچاءُ ۾ تڪليفون، ڌرڻو

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم م گذريل ڏيڍ مهيني کان سوئي گئس جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس بند رکڻ توڙي پريشر گهٽ هجڻ سبب لکن جي آبادي جا شهري سخت مشڪلاتن ۾ اچي ويا آهن متاثر شهري کاڌو هوٽلن تان وٺي زندگي جو وهنوار هلائي رهيا آهن اهري صورتحال سبب پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران ضلعي صدر سلطان خاصخيلي ، زبير قريشي ۽ رضوان چوهاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ احتجاجي بينر کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايم اي جناح روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سوئي گئس جو مقامي ڊپٽي انجينيئر نااهل آهي شهرين جي شڪايتن باوجود ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ڏيڍ مهيني کان گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ پريشر جي گهٽتائي ڪري عورتون رڌ پچاءَ نٿيون ڪري سگهن ڪاٺيون استعمال ٿا ڪريون يا وري هوٽلن تان کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن چيو ته ٽنڊوآدم ملڪي گئس جو 12 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪري ٿو پر هتان جي شهرين کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي هنن گهر ڪئي آهي ته نااهل انجينيئر خلاف ڪارروائي ڪري شهرين کي گئس فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.