اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي روزگار لاءِ بک هڙتال

مٺي (بيوروچيف) اسلام ڪوٽ ۾ بيروزگار نوجوان جو ٻارڙن سميت احتجاج جاري، خبرموجب:اسلام ڪوٽ ۾ فقير پاڙي جي رهواسي بيروزگار نوجوان مشتاق فقير نوڪري نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ڪالھ 24 هين ڏينهن به ٻارڙن سميت احتجاج جاري رکيو،جتي دانهيندي مشتاق فقير چيو ته آئون روزگار لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهيان،گهر ۾ ڏھ ڀاتي کائڻ وارا آهن،آئون پاڻ معذور آهيان،پڙهيل لکيل هجڻ جي باوجود مسلسل نوڪري لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهيان پر ڪير به ڪنهن کي به ڪو احساس ناهي ٿيو،هيئنر 24 ڏينهن کان معصوم ٻارڙن سميت بک هڙتال تي ويٺل آهيان،گهر جو چُلھ وساميل آهي،بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون،سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيان ٿو ته مونکي ڪا پٽيوالي جي نوڪري ڏني وڃي ته ٻارن کي پالي سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.