شهدادپور جي روينيو ڪامپليڪس ۾ ڪرپشن جو انڪشاف

شھدادپور (ن ع آ) روينيو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ٿيندي شھدادپور جي روينيو آفيس  ۾ رشوت ڪاروبار بڻجي وئي هر جائز ڪم تي تپيدارن کاتيدارن عام ماڻھن کي فرڻ شروع ڪري ڏنو کاتيدارن عام ماڻھن جي فرجڻ شڪايون اعلي اختيارين ۽ بورڊ آف روينيو ڪيون پر ڪامورن جي آشير واد سان هر جائز ڪم تي الگ الڳ ريٽ رکيو ويو آھي کاتيدار ساجن سولنگي عطروپٺاڻ گلڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته حڪومت هڪ طرف ڪرپشن جو خاتمون ڪرڻ ٿي چاهي ٻئي پاسي ادارن ۾ عوام سان ٿيندڙ ناجائزي تي خاموش بڻيل آھي هنن چيوته پلاٽ زمين جي  سيل سرٽيفڪيٽ لاء 10هزار ورتا وڃن ٿا پلاٽ جي داخلا رکائڻ دوران کاتيدار کان 7000هزار ورتا وڃن ان کان علاوه سالونسي ٺھرائڻ گروي لهرائڻ ڊوميسائل ۽ٻين ڪمن تي جداجدا هٿرادو ريٽ مقرر ڪري ڪيتري وقت کان لٽ فر جو سلسلو بنائي کاتيدارن کي تنگ ڪيو ٿو وڃي .هنن چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ کان مطالبو ڪيو آھي ته روينيو آفيس توڙي سنڌ ڪنهن روينيو آفيس ۾ ٿيندڙڪرپشن جو نوٽيس وٺي اي سي مختيارڪار تپيدار سروائزرن ڪوٽارن ڪلارڪن خلاف قدم کڻي کاتيدارن عام ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.