عورتن سان بهتر سلوڪ روا نه پيو رکيو وڃي: نجمه آرائين

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي ضلعي صدر نجمه آرائين چيو آهي ته عورتن سان بهتر سلوڪ روا نه پيو رکيو وڃي عورتن جي بنيادي حقن جي پائمالي سان گڏ عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي تازو ميرپورخاص ۾ فهميده شر ۽ گلشانا شر سميت ٻين عورتن کي ڪارنهن جا الزام هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ گذريل برساتن ۾ ضلع اندر وڏي تباهي آئي پر ان باوجود چونڊيل نمائنده متاثرن جي واهر نه ڪئي اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانون موجود هجڻ جي باوجود انهي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي .جيستائين قانون تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين عورتن جي حقن جي حفاظت ناممڪن آهي قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب بااثر رئيس، وڏيرا، جاگيردار قانون جي پڪڙ کان آجا رهن ٿا. هن چيو ته پيار جو پرڻو ڪرڻ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي حامين فهميده شر کي ڪاري قرار ڏئي ۽ گلشانه شر تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي ڪاروڪاري تحت قتل ڪيو ويو ڊگھڙي جي شاگردياڻي سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ تي پوليس ۽ سرداري نظام جي اڳيان متاثر بيوس بڻيل آهن  فهميده شر گلشانه شر جا وارث انصاف جا منتظر ۽ سرداري نظام جي ڊپ کان ڪڇڻ لاءِ تيار ناهن سماجي ڌرين به خاموشي اختيار ڪيل آهي عورتن حقن ۽ کين انصاف فراهم ٿيڻ جي حوالي سان موجوده حالتون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن هن چيو ته ميرپورخاص ضلع ۾ گذريل برساتن وڏي تباهي آندي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي زرعي زمينن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي زراعت تباه ٿي چڪي آهي پر ڪنهن به چونڊيل نمائندي متاثرن جي واهر نه ڪئي امداد جي نالي تي گھرايل متاثر عورتن کي ڌڪا ڏئي ۽ لٺيون هڻي تذليل ڪئي وئي جيڪو شرمناڪ عمل آهي هن مطالبو ڪيو ته ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيل فهميده شر، گلشانا شر ۽ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻيل ڊگھڙي واسي ناري جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث جوابدارن تکي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ عورتن جي حوالي سان منظور ٿيل قانونن عمل ڪرڻ يقيني بڻايو ڃي ۽ برسات متاثرن جي مالي ساهتا ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.