بدين ۾ ظهير حيدري جي ڪتاب جي مهورت

بدين (رپورٽ:رازق کوسو) لاڙ جي ناليواري اديب ظهير حيدري جي ڪتاب قلم بڻيو ڪات جي مهورت ايوان صحافت بدين جي هال ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت ناليواري ليکڪ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي ڪئي. اعزازي مهمانن ۾ حافظ محمد نظاماڻي مشڪور ڦلڪارو هارون گوپانگ. ظهير ميراڻي تاج مري شامل هئا. ڪتاب جي مهورت کان پوءِ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي چيو ته ظهير حيدري جون لکڻيون مزاحمتي لکڻيون آهن سندس ڪتاب اڄ جي معاشري جي آڪاسي ڪري ٿو. سنڌ ۾ اهڙا اديب ۽ صحافي موجود آهن جيڪي حق سچ لکڻ ٿا. سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته ترقي جا سب رستا لکيل ڪتابن ۾ موجود آهن ڪتابن کي ڪٻٽ ۾ رکڻ بجاءِ پڙهڻ گهرجي تقريب کي خطاب حافظ محمد نظاماڻي مشڪور ڦلڪارو هارون گوپانگ ظهير ميراڻي تاج مري ۾ ظهير حيدري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.