دادو واسڻ ناري ۽ نوجوان حيدرآباد ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ڊ ر) دادو جي مجيد ڪڍلوني جي رهواسي جوڙي ناري مومل ملاح ۽ نوجوان فياض ملاح سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوڙو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهتو، جتي ناري مومل ملاح دانهيندي چيو ته منهنجو رشتو منهنجي سڳي ماسات فياض ملاح کي ڏنل هيو ۽ فياض منهنجي هڪ ڀيڻ جو ڏير پڻ آهي پر منهنجو والد لالچ ۾ اچي منهنجي شادي ٻي هند ڪرائي رهيو هيو جهن تي آئون پنهنجي راز خوشيءَ سان مائٽن جو گهر ڇڏي حيدرآباد سيشن ڪورٽ ۾ فياض ملاح سان قانوني ۽ شرعي طريقي سان شادي ڪئي آهي. جنهن کانپوءِ ڳوٺ جو وڏيرو صديق ملاح، والد غلام سرور، چاچو غلام مصطفيٰ ملاح، سوٽ مرتضيٰ ۽ ٻيا مڇرجي پيا آهن. جيڪي اسان کي جان کان مارڻ چاهين ٿا ۽ منهنجي مڙس توڙي سندس ڀائرن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جوڙي آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.