پني عاقل واسي گئس ملازم علاج نه ٿيڻ سبب فوت

پنوعاقل (رپورٽ : نور محمد سومرو) پنوعاقل گئس آفيس جو ملازم منور ٿھيم ڊگھي بيماري سبب وفات ڪري ويو،45 سالن جو منور ٿھيم گذريل 30 سالن کان قوم پرست اڳواڻ جلال محمود شاھ جو ھم سفر جيڪو ڪجھ سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا ھو،ڇنڇر ڏينھن صبح جو 10 وڳي پنھنجي گھر ۾ وفات ڪري ويو،مرحوم شھري مسئلن لاءِ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي،شھري اتحاد توڙي ٻين سياسي سماجي تحريڪن ۾ اڳ ڀرو رھيو،گذريل ھڪ مھينو اڳ مرحوم جي گھرواري رضا الاھي وفات ڪري وئي ھئي،کيس کان زال جي جدائي سبب مايوس ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو،مرحوم کي 3 پٽ ۽ ھڪ نياڻي جي اولاد آھي،کيس جي جنازي نماز مرڪزي عيد گاھ ۾ ادا ڪيو ويندو،ھوڏانھون منور ٿھيم جي وفات تي شھر ۾ سوڳ ڇايل،سندس عزيز دوست ظفر ٿھيم،ايڊوڪيٽ منظور احمد سومرو،ارشاد عباسي،محمد سرور ملڪ،مولوي ضمير لنجار،عبدالرزاق ڪلھوڙو، عبدالجبار ۽ عبدالغفار ٿھيم سميت ڪيترائي ماڻھن تڏئي تي پھچي ويا.

چمبڙ ۾ تنظيم فخر مولا غازي عباس جي سالياني حلف برداري تقريب

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ ۾ تنظيم فخر وفا مولا غازي عباس علمدار عليہ السلام علمان والا چمبڙ سٽي جي سالياني حلف برداري تقريب  منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ نون چونڊيل عهديدارن کان سيد شاھد حيدر شاھ ڪاظمي حلف ورتا، صدر زوار ممتاز علي رستماڻي، سينيئر نائب صدر، سالول خان لنجواڻي، جنرل سيڪريٽري، زوار بشير احمد ميمڻ، جونیئر نائب صدر نياز حسين جلباڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري راجا رياض عمراڻي، فناس سيڪريٽري، محرم علي سمون چيف آڊيٽر مختيار علي ڪپري، پريس سيڪريٽري، زوار مير رضا جلباڻي، اطلاعات سيڪريٽري، غلام عباس خاصخيلي، اسپشل سيڪريٽري زوار فضل حسين سمون، آفيس سيڪريٽري، باقر علي جھنڊو گپچاڻي، چيئرمين نوحہ ڪاميٽي زوار سيد غلام شبير شاھ ڪاظمي، چيئرمين ورڪنگ ڪاميٽي سيد شاھد حيدر شاھ ڪاظمي، وائيس چيئرمين ورڪنگ ڪاميٽي راضوان علي جلباڻي، کان حلف ورتا ویا،جڏھن تہ حلف برداري تقريب بعد تنظم جي ذاڪر زوار مير رضا جلباڻي، دعا گھري آخر م ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

آپڪا لاڙڪاڻي جي صدر جي بدلي مذمت جوڳي آهي: نثار عارباڻي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو توڙي ضلعي جي مختلف تعلقن جي اڳواڻن نثار احمد عارباڻي، عبدالقدير سومرو، امان الله عمراڻي، سراج احمد ساريو، امان الله جتوئي، سيد رياض حسين شاهه، محمد آدم جسڪاڻي ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آپڪا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر محمد ڪامل سرگاڻي کي جبري طور بدلي ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، آپڪا ضلعي صدر هر وقت اداري سميت ملازمن جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جنهن جي جبري بدلي سمجھ کان ٻاهر آهي.نن چيو ته اسان پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم سميت ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن کان گهر ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي آپڪا صدر محمد ڪامل سرگاڻي جي بدلي وارو فيصلو واپس وٺي آپڪا جي اڳواڻن توڙي ميمبر ۽ ملازمن مان ڇانيل بيچئني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ پرامن احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.