ٺٽي ۾ اسڪول مان شاگردن جي نيڪالي جو نوٽيس

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽو جي نجي اسڪول ۾ فيس نہ ڏيڻ تي شاگردن کي اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ وارو معامري جي اعليٰ سطح جاچ شروع، ڊائريڪٽر پرائيوٽ ايجوڪيشن اسڪول پھتو، اسڪول انتظاميہ جو شاگردن جي والدين تي دٻاءُ، معافي وٺڻ جو مطالبو، والد جو انڪار. خبر موجب 3 ڏينھن اڳ ٺٽي جي نجي اسڪول ”ايور گرين“ جي انتظاميہ پاران فيس جي ادائگي نہ ٿيڻ ڪري 3 شاگردن فرحان، فھد ۽ سندن ڀيڻ کي اسڪول انتظاميہ پاران تشدد ڪري اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي، جنھن جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد ڊائريڪٽر پرائيوٽ ايجوڪيشن حيدرآباد نوٽيس ورتو ُُ ۽ ٺٽي پھچي اسڪول انتظاميہ ۽ شاگردن توڙي سندن والدين کان واقعي بابت معلوم ڪيو، جنھن بعد اسڪول انتظاميہ پاران شاگرد جي والد تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ شاگردن جي والد محمد يوسف صحافين کي ٻڌايو تہ ڄاڻايل اسڪول انتظاميہ پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ بدران الٽو اسان تي زور ڀري رھيا آھن تہ اوھان لکي ڏيو تہ اوھان کان غلطي ٿي آھي ۽ اوھان معذرت ڪريو ٿا،جيڪڏھن اوھان ايئن نہ ڪيو تہ اوھان جي ٻارڙن کي ڪنھن بہ اسڪول ۾ داخلا نہ ملندي. ھن چيو تہ معافي تہ اسڪول انتظاميا کي وٺڻ گھرجي، جن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.