بهارو بچاءُ بند کي پيل کاڌ بند ڪرڻ لاءِ رکيل بجيٽ مبينا هڙپ

بهارو (ن ع آ) بهاري بچاءُ بند کي 2015ع واري ٻوڏ دوران بهارو شهر ڀرسان پيل کاڌ کي بند ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 10 ڪروڙ روپيا  رکيا ويا هئا جنهن جو تازو آيل ٻوڏ کان پهريان چيف انجنيئر سکر بئراج ۽ ٻيا عملدارن دورو کاڌ جي سطح معلوم ڪئي هئي پر تازو آيل ٻوڏ دوران آبپاشي عملدارن کاڌ کي بند ڪرڻ لاءِ آيل بجيٽ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪجهه پٿرن جون ٽرڪون ۽ ڊمپر کاڌ ۾ لڳائڻ بعد کاڌ ۾ مڪمل طور تي بند ڪري نه سگهيا ۽ ڪروڙين روپيا آيل بجيٽ هڙپ ڪري ويا، جنهن ڪري هتان جي رهواسين لاءِ کاڌ خوف جي علامت بنيل رهي ٿي.هتان جي عوام وزيراعظم، وڏي وزير توڙي نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين اختياريون کان مطالبو ڪيو آهي ته بهارو بچاءُ بند کي پيل کاڌ کي بند ڪرڻ لاءِ  سرڪار پاران رکيل ڪروڙين روپيا بجيٽ جي جاچ ڪري ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري لٽيل پئسا واپس ڪرائي کين جيل ڀيڙو ڪيو وڃي ۽  پيل کاڌ کي مڪمل ڪري علائقي ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.