پي ٽي آءِ عوام لاءِ مصيبت بڻجي وئي آهي:يوسف بلوچ

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌو آئل ٽريڊرز پاران  اڳوڻي وزير مرتضي بلوڇ جي فرزند پ پ اڳواڻ محمد يوسف بلوچ کي آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ شبير احمد راڄپر،ڪاشف منگي،شفقت نوناري،پرويز راڄپر،منصور چانڊيي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي يوسف بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آئي سرڪار ملڪ لاء مصيبت ثابت ٿي آهي غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاء پريشان آهي ۽ ھاڻ عوام نجات چاهي ٿو هن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جنهن تي سنڌ جو حق آهي وزيراعظم پاران ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي وفاق عوام جي ڏنل فيصلي کي موٽ ڏئي قبضي جو فيصلو واپس وٺي ۽ بحريه ٽائون پاران ملير جي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا مقامي ماڻهن جي ڳوٺن ۽ انهن جي بنيادي حقن جو خيال رکيو وڃي اسين عوام سان گڏ آهيون گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ به سليڪشن ڪري عوامي مئنڊٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي بلاول ڀٽو جي عوامي جلسن ثابٿ ڪري ڇڏيو آهي ته گلگت جو عوام پ پ سان محبت ڪري ٿو. ان موقعي تي شبير راڄپر،ڪاشف منگي،پرويز راڄپر پڻ خطاب ڪيو ۽ آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.