وفاق ٻيٽن جي معاملي تي هوڏ تان لهي:مشتاق سرڪي

ڌاٻيجي (ن ع آ) صحافي مشتاق سرڪي ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جنهن تي صرف ڌرتي ڌڻين جو حق آهي، جيڪڏهن وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿي ته ڌرتي ڌڻين سان گڏ احتجاجي لائع عمل جوڙيو ويندو جنهن کان پوء به نه مڙهيو ته سڀني پارٽين سان گڏجي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تاريخي احتجاج ڪيا ويندا هن. هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ته ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽرين سڀ کان پهريان مقامي پورهيتن جو حق آھي پر افسوس جو هتان جا نام نهاد نجي فيڪٽرين جا مالڪ پنهجي ڏاڍ ۽ بدمعاشي تي قائم رهندي ٻاهريان ماڻھو گهرائي ڪري مقامي پورهيتن کي بک بدحالي ۽ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھ نجي فيڪٽرين جا مالڪان مقامي پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ بند ڪري انهن کي روزگار ڏين ٻئي صورت ۾ مقامي پورهيتن سان ملي ڪري انهن نام نهاد فيڪٽري مالڪان ۽ انتظامياخلاف احتجاجي مظاهرا مک گيٽ اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.