ڀان ۾ عورتن جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ ڳوٺ يوسف ٿيٻو جي رهواسي عورتن پاران بااثرن ۽ پوليس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب ڀان پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي عورتن ستاره، نجما، سڪينا ۽ خديجا ٿيٻو صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو تہ بااثرن صالح، رحيم، نيازمحمد،منظور ۽ غلام حسين اسان جي مردن سان جهيڙو ڪري کين زخمي ڪيو ۽ الٽو اسان جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جيڪا اسان مسڪينن سان وڏي ناانصافي آهي، هنن چيو تہ ڀان پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پوليس بااثرن جي چوڻ تي اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گهرن اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان، روڪ رقم کڻي وئي جيڪا زيادتي آهي،اسين غريب آهيون بااثرن سان پڄي نه ٿا سگهون جنهن جي ڪري مجبور ٿي پريس ڪلب پهتا آهيون،هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سي ايم هائوس اڳيان احتجاج ڪنداسين جنهن جي ذميواري پوليس ۽ بااثرن مٿان هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.