سڳيون ۾ منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

سڳيون (ن  ع آ)سڳيون ۾ منشيات وڪري خلاف سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻ ڪامريڊ عاشق حسين چنو، منير احمد ملاح، غلام قادر چنو، شھمير علي چنا، عبدالرزاق ملاح ۽ ٻين پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سڳيون ۽ ڀرپاسي منشيات جا اڏا پوليس ۽ بااثرن جي سرپرستي سان سرعام هلڻ لڳا آهن، ھروئن، چرس، آفيم ،ڀنگ، شراب ۽ ٻين نشي آور شين جي واپرائڻ سبب ڪيترائي نوجوان ذھني توازن وڃائي ويٺا آهن ۽ نارمل زندگي کان محروم بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ سان گڏوگڏ ملوث انتظاميا خلاف پڻ سخت قدم کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.