نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو چورن خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ علي خان چانڊيو جا رهواسي ڳوٺاڻا 3 ڏينهن اڳ سندن گهر ۾ چورن پاران چڙهائي ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين علي ڏنو چانڊيو، حيبت چانڊيو، اصغر چانڊيو، عبدالرزاق چانڊيو، سجاد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ چورن علي محمد کوسو، اڪبر ملوکاڻي ۽ حبدار زرداري اسان جي گهرن ۾ گهڙي ڪري مال متاعُ ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان سُجاڳ ٿي پياسين ۽ چورن سان مزاحمت ڪئيسين جنهن دوران اسان جي نوجوان 28 ورهين جو علي گوهر چانڊيو کي چورن گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جيڪو هن وقت پي ايم سي اسپتال نوابشاهه ۾ داخل آهي هنن چيو ته مذڪوره چورن خلاف اسان قاضي احمد ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي پوليس هڪ چور علي محمد کوسو کي گرفتار ڪيو آهي باقي 2 چور  اڪبر ملوکاڻي ۽ حبدار زرداري سرعام گهمي رهيا آهن پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي رڳو آسرا ڏئي رهي آهي .هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته اڪبر ملوکاڻي ۽ حبدار زرداري کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هنن چيو ته اسان جي زخمي ٿيل نوجوان علي گوهر چانڊيو جو علاج صحيح نموني ڪيو وڃي اسان جو نوجوان پي ايم يو اسپتال ۾ ٽن ڏينهن کان تڙپي رهيو آهي پر ان جو خاطر خواهه علاج نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.