ٿاڻي بولا خان ۾ لائيو اسٽاڪ جي اسپتالن ۽ آفيسن کي تالا

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ) ڪوهستان جي مختلف علائقن ٿاڻوبولاخان ۔ ٿاڻواحمدخان ۔ ٿاڻوعارب خان ۔ ڪرچات ۔ ڀال ۔ ريڪ ۔ تونگ ۔ مول ۔ سري هٻڪاڻ ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهن جو گذرسفر جو ذريعو چوپايو مال پالڻ تي آھي بيمارين جو ويڪسين نه ٿيڻ سبب ماڻهن جو مال بيمارين وگھي مرڻ جو انديشو ڪوهستان جي رهواسين جو چوڻ آھي ته اسان جي گذر سفر جو واحد ذريعو چوپايو مال پالڻ تي آھي هنن جو چوڻ آھي ته ٿاڻوبولاخان ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جون آفيسون بند پيل آھن آفيسن کي سالن کان تالا لڳل آھن تعلقي جي واحد جانورن جي اسپتال به مالوند ماڻهن لاء ڀي لاڀ بڻيل آھي پوري تعلقي ۾ جانورن جو ڊاڪٽر مقرر نه ٿيل آھي جنهن سبب اسان جو مال بيمارين ۾ وٺجڻ کانپوءِ علاج نه ٿيڻ سبب مري وڃي ٿو.هنن جو چوڻ آھي ته تازو پيل برساتن کانپوءِ ڪوهستان ۾ مال جو بيماريون پکڙجي رهيو آھن جنهن سبب مالوند ماڻهن جي وڏي نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي هنن جو چوڻ آھي ته لائيو اسٽاڪ کاتي جو مقرر ٿيل عملو گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آھي مالوندن وزير اعليٰ سنڌ ،پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر خان لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کان واھر جو مطالبو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.