دڙي ۾ فنڪار رفيق عيساڻي جو اڄ ٽيجهو

دڙو )ن ع آ ) دڙي ۾ ناليواري اداڪار رفيق عيساڻي سان چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري، ٽيجھو اڄ ٿيندو تفصيل موجب :دڙي ۾ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ ناليواري اداڪار رفيق عيساڻي سان سندس چاچي محمد سومار عيساڻي ميمڻ جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ اديب ۽ ليکڪ عبدالحئي پليجو، نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر شاھنواز دل، هدايتڪار نوشاد مرزا، ڊاڪٽر حفيظ ميمڻ، ڊاڪٽر اياز خواجہ، سردار محمد علي خواجه، ڏاڏا شورو ،غلام رسول سھتو، حنيف جلباڻي، نٽار چوھاڻ، اداڪار بابر جمالي، رسول بخش چانڊيو، ياسين ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي جڏهن تہ ناليواري اداڪار اسد قريشي ۽ ٻين فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو جڏهن تہ ٽيجھو اڄ ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.