شهدادپور لڳ ٽالپر برادري جو چڱو مڙس وفات ڪري ويو

شھدادپور ( ن  ع آ) شهدادپور لڳ ڳوٺ مهرعلي ٽالپرجي معزز شخصيت وڏيرو نگر خان  خاصخيلي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.جنهن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن.معززين.شھرين. واپارين.صحافين سميت خاصخيلي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.مرحوم کي سوين آلين اکين سان آباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. سندس ٿڏو ڳوٺ مهرعلي ٽالپر ۾ وڇايو ويو آھي.جتي سندس پوئنيرن مشتاق خاصخيلي وڏيرو لقمان خاصخيلي شبير خاصخيلي ۽ ٻين سوڳوارن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

گهوٽڪي ۾اڄ صبح 7 کان شام 5 وڳي تائين بجلي بند رهندي: سيپڪو ترجمان

سکر(رپورٽر) سيپڪو سکر جي ترجمان امير بلوچ پاران جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته 132 ڪي وي اي گرڊ اسٽيشن گھوٽڪي ۾ ضروري مرمتي ڪم سبب 22 نومبر جي ڏينهن صبح جو 7 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين بجلي جي فراهمي بند رهندي. جنهن سبب شاهي بازار، عادلپور، رامو والي، انڊسٽريل اسٽيشن روڊ، انوار آباد، گھوٽا سرحد، ڪچو ٻنڊي، موٽروي، شگر مل، قادرپور، سٽي سرحد فيڊرن تي بجلي جي فراهمي بند رهندي.

شهيد خالد محمود سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي: ناصر محمود

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس جي انتظامن بابت انتظامي ڪاميٽيءَ جو گڏيل اجلاس مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اهم صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڪاميٽي جي سربراهن محبت علي کهڙو، انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو، حافظ سراج احمد چنه، مولانا طاهر محمود سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته علامه خادم حسين رضوي جو موت عالم اسلام جي لاءِ هڪ عظيم سانحو آهي، مرحوم سچو عاشق رسول زندگي ختم نبوت ۽ ناموس رسالت جي تحفظ ۾ گذاري.

 

هن چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ ڌرتيءَ جو سچو سپوت هو جنهن سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم عوام جي لاءِ جدوجهد ڪئي، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سدائين اسلام دشمن، سنڌ دشمن ۽ سنڌ جي غدارن آمريت سان مهاڏو اٽڪايو، ۽ اصولن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي، اسان به انهن سان مزاحمت ڪنداسين، جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آهي، عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا، شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي پنهنجي شهيد قائد سان وچن ڪندا، رت جي آخري قطري تائين قائد جي مشن کي جاري ۽ پايه تڪميل تائين پهچائينداسين. هن چيو ته عمران نيازي پوليو جي موذي مرض کان وڌيڪ ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي، ملڪي معيشت کي لولو ۽ لنگڙو بڻائي ڇڏيو آهي، غير آئيني طريقي سان آندل نااهل حڪومت جيستائين موجود آهي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي. هن چيو ته سنڌ کي تقسيم ڪرڻ وارن جي خلاف قدم کنيو وڃي ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙن کي انتهاپسندي جو درجو ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ انتهاپسندي آهي ته اسان انتهاپسند آهيون، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ بشير خان قريشي جي ڳالھ ڪرڻ انتهاپسندي آهي ته اسان پوءِ به انتهاپسند آهيون. انتظامي ڪميٽي جي ٻين نگرانن مولانا عبدالجبار حيدري، عبدالقادر چانڊيو، عبدالمالڪ چانڊيو، مولانا احسان احمد جمالي، عبدالله حيدري جوڻيجو، فقير سڪندر علي نقشبندي، مولانا محمد طارق پنهور، مولانا محمد الياس چنه، امير الدين لولائي، طارق حسين سومرو، مولانا حميدالله سيال، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ميمڻ، آصف علي مگسي، ثناءَ الله سيال پڻ شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان پنهنجون رپورٽون پيش ڪيون.

سکر ۾ڊسٽرڪٽ تائي ڪوانڊو چيمپيئن شپ

سکر(رپورٽر) سکر ڊويزن تائي ڪوانڊو ايسوسيئيشن جي انتظامن هيٺ ويلبنگ آپريٽو ويلفيئر آرگنائيزيشن جي تعاون سان انٽر ڊسٽرڪٽ تائي ڪوانڊو چيمپيئن شپ ڪوٺائي وئي، چيمپيئن شپ ۾ آصف علي رضا خان مهر، ميونسپل ڪميٽي روهڙي جي سي ايم او منصور احمد ابڙو، روهڙي يونين آف جرنلسٽس جي صدر جواد عباسي، شهناز شيخ، سجاد حسين دايو، ماسٽر عبدالرزاق راجپوت، عمار سميجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته روهڙي شهر ۾ نوجوانن جي تائي ڪوانڊو گيمز ۾ وڌندڙ دلچسپي سان يقين ٿي ويو آهي ته روهڙي واسي پنهنجي ٻارڙن کي تعليمي سرگرمين سان گڏ راندگين جي سرگرمين ۾ به حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن، راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. تقريب ۾ ڪامياب ٿيندڙ کلاڙين ۾ انعام پڻ ورهايا ويا.

ٽنڊي غلام علي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ غريب شاگردن ۾ ڪتاب ۽ يونيفارم ورهايا

ٽنڊو غلام علي(ن ع آ).سنڌترقي پسند پارٽي جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي ڪيمپس پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام علي پهچي اسڪول جي 150 غريب شاگردن ۽ شاگرڌياڻين ۾ ڪتاب ۽ يونيفارم ورهايا. انهي موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي چيو ته سنڌجي تعليم کي هٿ وٺي تباه ڪرڻ سنڌي قوم کي پوتي ڪرڻ واري گهري سازشن ۾ شامل آھي جنهن کي ڪهڙي حالت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسون.هن چيو سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي  سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نڌڻڪو نه سمجهيو وڃي سنڌجي هر ڏکئي وقت ۾ مالڪي ڪئي آهي جيڪا رت جي آخري ڦڙي تائين جاري رهندي.انهي موقعي تي ڪيمپس پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام علي جي هيڊماستر محمد اسحاق ميمڻ چيو ته اسان کي گهرجي پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ وڌ کان وڌ داخل ڪرايون  جتي سندس معياري تعليم سان گڏ قابل استادن جي نگراني ۾ مستقبل کي روشن بنائڻ جي عملي جدوجهد وارو عمل جاري آھي. انهي موقعي تي محمد ايوب قمبراڻي. عبدالجبار ڀٽي کان علاوه ايس ٽي پي ميرپورخاص جو ضلعي  صدر مير يونس ٽالپر.تعلقي ماتلي جو صدر عبدالجبار منڱريو. سٽي ٽنڊو غلام علي جو صدر آختر حسين آرائين.زاھد حسين قمبراڻي.صوفي مڪيش ڪمار ۽صوفي سنتوش ڪمار پڻ گڏموجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.