لاڙڪاڻي ۾پورهيت جي گرفتاري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي قطب ڪالوني جي رهواسين پورهيت مجاهد جيهو جي مبينا گرفتاري ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بيواهه عورت مومل جيهو پنهنجي پٽ ذهني معذور پٽ سجاد، ڌيئرن صنم، صائقه، ساجده، ڏير لطيف جيهو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس معشوق جيهو کي سچل ڪالوني مان گرفتار ڪرڻ بعد مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيو. هن الزام لڳايو ته شهر جي نظر بازار جي چوڪيدار اسان جي مخالف سليمان جيهو جي چرچ گذريل رات دير سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس گهر ۾ گهڙي منهنجي نوجوان پٽ مجاهد علي جيهو کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ اسان کي حراسان ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي.هن چيو ته منهنجو پٽ مٽي ڀرائيءَ جو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهي جنهن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه گرفتار ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي سليمان جيهو ۽ ٻين بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.