الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سکر ۾احتجاج

سکر(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي)جي وائس چئرمين الطاف جسڪاڻي جي بي رحماڻي قتل ۽ قاتلن جي عدم  گرفتاري خلاف مقتول جا يونيورسٽي جي دوستن ۽ ساٿين پاران سکر پريس ڪلب آڏو ڪامريڊ احمد علي کوسو ۽ عبدالسميع مهر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو۔مظاهري ۾ شامل مظاهرين قاتلن خلاف نعري بازي ڪندي سنڌ حڪومت کان قاتلن جي گرفتاري۽ سزا ڏيارڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪراچي جي دهشگرد لساني تنظيم جي دهشتگردن سنڌ جي ماڻھن جي حقن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز بلند ڪندڙ سنڌ جي جوڌي الطاف جسڪاڻي کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي شھيد ڪيو پر سندس قاتل آزاد آھن جيڪو عمل انتهائي افسوس ناڪ آھي.   اسين سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي انجام تائين پهچائي شھيد الطاف جسڪاڻي جي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.