قاضي احمد ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

قاضي احمد (ن ع آ)قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ معمولي ڳالھه تان گھرن کي باھيون ڏئي ساڙڻ دوران ٻه معصوم ڀاءُ ۽  ڀيڻ ضميراان ۽عجيب جتوئي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ پوليس ۽بااثر ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻي وڃو نه ته اوهان کي به قتل ڪري ڇڏينداسون اھڙي ظلم خلاف متاثر ڌرين جي عورتن گڏي صاحبان پنهنجي مردن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته باھ ۾ ساڙي ماريندڙ معصومن سان انصاف ڪرڻ بجاءِ اسان کي ڌمڪايو پيوڃي ھنن چيو ته واقعي جي عيني شاھد پيرل جتوئي کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي اسان کي شڪ آهي ته پوليس پيسن عيوض ان کي قتل ڪري ڇڏيندي ھنن اعلا اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته مذڪوره جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.