ٺل ۾ فضيلا سرڪي جي آزادي لاءِ وارث ۽ شهري سراپا احتجاج

ٺل(ن ع آ) ٺل ڀرسان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان 13 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي  آهي،نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي پارٽين پاران نينگري جي والد عبدالرزاق سرڪي،سياسي پارٽين جي اڳواڻن عبدالوحيد ٻرڙو،اصغر لاشاري،حاڪم نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.احتجاج ڪندڙن چيو ته مغوي فضيلا سرڪي کي اغوا ڪئي 13 سال گذري چڪا آهن پر جيڪب آباد جي پوليس ڪجهه به نه ڪيو آهي هن جا مظلوم والدين ٿاڻن ڀوتارن جي بنگلن سميت ٻين اعلي عملدارن جي درن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر پوليس توڙي چونڊيل نمائندا سنجيدگي سان ڪوششون نه ڪيون آهن،هنن چيو ته اسان جي برادري جي سردار پڻ اسان جي ڪابه مدد ناهي ڪئي، اسان جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪي به ڪوششون ناهن ڪيون،. هنن مطالبو ڪيو ته نينگري فضيلا سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ڪريم بخش،قادر بخش، الله رکيو ۽ بابو سرڪي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.