گيتا ميگهواڙ جي خون جو 15 لکن ۾ سودو، قاتل قانون کان بچي ويا

مٺي/ڏيپلو (نمائندن وٽان) ڏيپلو جي ڳوٺ کينروهي ۾ قتل ڪري آپگهات ڄاڻايل 22 سالن گيتا سوٽهڙ جو خون پنچائتي پٽيلن جرڳو ڪري لوڙهي ڇڏيو، مقتولا جو روح مرڻ کانپوءِ به نياءَ ماڻي نه سگهيو. ڳوٺ کينروهي  ۾ 14 ڏينهن اڳ گهٽا ڏئي قتل ڪيل مٺي واسي ناري گيتا سوٽهڙ جي قتل ۾ انصاف نه ٿي سگهيو. سوٽهڙ برادري جي چڱن مڙسن ۽ ڳوٺ کينروهي جي پٽيلن مقتولا جي مسڪين وارثن تي دٻاءُ وجهي ساڻن زبردستي ٺاهه ڪري ورتو. مليل معلومات موجب سوٽهڙ برادري پاران معاملي کي نيات ذريعي نبيرڻ لاءِ سوٽهڙ برادري جي مختلف علائقن جا معززن ڊاڪٽر رڻجيت سوٽهڙ، مستري ماهديو سميت درجنن ماڻهن مٺي پهچي گيتا جي وارثن وٽ پنچائتي فيصلو ڪيو، جتي گيتا جي سهري سورتي قتل جو اعتراف ڪندي معافي ورتي، جنهن بعد گيتا جي وارثن معاف ڪندي سوٽهڙ برادري کي فيصلو ڏنو، جن گيتا جي ساهرن تي 20 لک روپيا ڏنڊ رکيو، جنهن مان پنج لک روپيا معاف ڪيا ويا. باقي 15 لک روپيا هڪ مهيني اندر پنچائت کي ڏيندا، جنهن بعد گيتا جي وارثن معاف ڪري بيان ڏيڻ جو چيو، جنهن بعد گيتا جا وارث راضي ٿي اڄ بيان ڏيڻ لاءِ ڏيپلو ٿاڻي تي پهچي ويا آهن. گيتا واقعي ۾ جوابدار ڄاڻايل سهرو سروتو، ڏير موهن، چڱو مڙس راڻو حلوائي ۽ ماستر رميش سوٽهڙ اڳ ۾ عدالتي ضمانت تي آزاد آهن. ياد هجي ته مقتولا جو ڪيس سندس ڀاءُ ڇڳن سوٽهڙ جي فرياد تي ڏيپلي ٿاڻي تي چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڏيپلو پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪنهن قسم جي ڦڙتي نه ڏيکاري ۽ جوابدارن پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بعد ۾ مٺي جي عدالت مان عبوري ضمانت تي آزاد ٿي گهمندا رهيا ۽ نيٺ قتل ڪري به بچي ويا.

ارباب لطف جرڳو ڪرڻ باوجود انڪاري

مٺي: جرڳي ڪرڻ باوجود تڪ جو ايم پي اي ۽ تر جي چڱي مڙس ارباب لطف جرڳي جي ترديد ڪري ڇڏي، صحافين پاران جڏهن ارباب  سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ جرڳا ناهن ٿيندا ۽ نه وري مون ڪو جرڳو ڪيو آهي. منهنجي اوطاق ڍوڍاري فارم تي ڪو به جرڳو ناهي ٿيو، جڏهن ته ناري جي وارثن جرڳي جي تصديق ڪئي. ايم پي اي ارباب لطف الله جو جو چوڻ هو ته هتي ٿرپارڪر ۾ جرڳا ٿيندا ئي نه آهن ۽ نه ئي ڪو منهنجي اوطاق تي جرڳو ٿيو آهي، باقي اگر جرڳو ٿيو آهي ته توهان ٻنهين ڌرين کان وڃي معلوم ڪيو. واضع رهي ناري واري ڌر پاران جرڳي جو اعتراف ڪيو ويو آهي سندن چوڻ آهي ته نوجوانن واري ڌر فيصلي ۾ ڏوهي نڪتي آهي جنهن سبب مٿن ڏنڊ لڳو آهي ۽ ڏنڊ جي رقم کين اڃا تائين نه آهي ملي.

حسينا لنڊ موت جو ارباب لطف وٽ جرڳو، جوابدار  5 لک ڀري ڇٽي ويا

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي لڳ اوباش جوابدارن جي تنگ ڪرڻ سبب عزت بچائڻ لاءِ مبينا آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ مظلوم ناري حسينا  لنڊ جي موت واري واقعي کي تڪ جي ايم پي اي ارباب لطف جرڳو ڪري لوڙهي ڇڏيو، بدنامي جي ڀو کان خودڪشي  ڪندڙ ناري جي خون سان مرڻ کانپوءِ به انصاف نه ٿي سگهيو. ڪلوئي پوليس واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪري اصل ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ڄام خان لنڊ ۾ اوباش نوجوانن کان تنگ ٿي مبينا آپگهات ڪندڙ ناري حسينا لنڊ جي موت جي  معاملو ارباب لطف جرڳو ڪري دٻائي ڇڏيو، ڪلوئي پوليس واقعي جي جاچ نه ڪئي، جن جوابدارن جي تنگ ڪرڻ سبب ناري آپگهات ڪيو، اهي به 5 لک ڀري چٽي ويا. ايم پي اي ارباب لطف الله ڍوڍارو فارم هائوس تي لنڊ برادري جي چڱن کي مڙس گهرايو، جن ۾ غلام نبي لنڊ، يار محمد لنڊ، جمعون خان لنڊ ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.جوابدار نوجوانن واري ڌر مٿان کين ڏوهي ڪري 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ ٻنهين ڌرين کي ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاء پڻ پابند ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته ذريعن موجب پندرهن ڏينهن اندر ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ ۽ ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاءِ ٻنهين ڌرين کي پابند بڻائي مقامي ايم پي اي ارباب لطف الله جي ڍوڍارو اوطاق تي لکاوتون پڻ ورتيون ويون آهن ، ناري جو مبينا آپگهات يا قتل پوليس پاران ڪابه جاچ نه ڪئي وئي ۽ سڄو معاملو لئه مٽي ٿي ويو.

ڪلوئي جو ايس ايڇ او جرڳي کان لاعلم، واقعي جي ڪا جاچ ناهي ٿي:حسين بخش راڄڙ

ڪلوئي: ڪلوئي پوليس درخواست ملڻ باوجود واقعي جي جاچ نه ڪئي، جنهن ڪري ناري سان انصاف نه ٿي سگهيو. ٻي پاسي  ڪلوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جرڳي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي. ايس ايڇ او ڪلوئي حسين بخش راڄڙ جو چوڻ هو ته مونکي ڪنهن به جاچ يا جرڳي بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي ڪا ناري جي مبينا آپگهات ڪيس بابت ڪا ڪلوئي ٿاڻي تي جاچ آهي،

آپگهات ڪندڙ ناري ايس ايس پي ٿرپارڪر کي به فرياد ڪئي، پر ڪلوئي پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي

ڪلوئي: آپگهات کان اڳ ناري ٿرپارڪر پوليس کي به دانهن، پر ايس ايس پي ڪن نه ڏنو. مبينا آپگهات کان 2 ڏينهن اڳ ناري جي وارثن پاران ايس ايس پي ٿرپارڪر کي  درخواست ڏني وئي، جنهن تي ٿرپارڪر پوليس ڪابه جاچ نه ڪئي ۽ نه وري ناري توڙي سندس وارثن کي تحفظ نه ملي سگهيو هو، جنهن بعد وارثن پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو هو. ڪلوئي ٿاڻي تي ناري جي مبينا آپگهات ۽ ٻئي نوجوان ڌر پاران ناري واري ڌر تي کين هراسان ڪرڻ جون ٻئي درخواستون موجود هيون. هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڪلوئي پوليس جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ڪئي جنهن بعد تر جي وڏيرن جرڳو ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.