ڪشمور ۾ بدامني عروج تي پهتل، چور ڳوٺاڻي جون 2 ٻڪريون ڪاهي فرار

ڪشمور(ڊ ر) ڪشمور لڳ ڳوٺ مست علي مزاري ۾ گذريل رات نامعلوم چورن ڪاهه ڪري ڳوٺاڻي باغ علي مزاري جون 2 ٻڪريون گهر مان ڪڍي ڪاهي رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واضح رهي ته گذريل هڪ هفتي کان وٺي ڪشمور ۽ آس پاس وارن علائقن  ۾ بدامني چوٽ تي چڙهيل آهي چورن ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، هر رات چور چوري جون وارداتون ڪن ٿا جنهن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن ۽ وڌندڙ بدامني جي ڪري خوفزده بڻجي راتيون جاڳڻ تي مجبور بڻيل آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شیخ کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ چورن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ چوري ٿيل چوپايو مال چورن جي گرفت مان ڇڏائي واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.