لاڙڪاڻي ۾ٻن مقتول ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان ٿاڻي جي حد وارهه بئراج وٽ اڍائي مهينا اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ٻن نوجوان ڀائرن اعجاز ۽ اياز مغيري جي قتل ۾ ملوث قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سندن وارثن پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عرضي ڀٽو واسي مقتول نوجوانن جي پيرسن پيءُ آدم خان خان مغيري پنهنجي گهر واري شهزادي، ننهن ضميران خاتون ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ٽي مهينا اڳ قمبر سي ٽي ڊي پوليس جي انچارج ياسين ٽڳڙ سونارڪي دڪان تي ڪم ڪندڙ منهنجي نوجوان پٽ نوجوان اعجاز علي کي جتوئي برادري جي خون ۾ استعمال ٿيل موبائيل رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو جنهن جنهن کي 3 لک روپيه ان بعد هن کيس آزاد ڪري ڇڏيو .ان بعد جتوئي برادري جي بااثرن منهنجي ٻن نوجوان پٽن اعجاز ۽ اياز مغيري مٿان ميروخان ٿاڻي تي ڌمڪين جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن ڪيس جي ٻڌڻي گذريل 4 سيپٽمبر تي ميروخان جي سول ڪورٽ ۾ رکيل هئي جتان حاضري بعد منهنجا ٻئي پٽ لاڙڪاڻي چنگچي تي اچي رهيا هئا ته وارهه بئراج ڀرسان ڳوٺ ڦلڻ واسي هٿياربند جوابدارن عطاءُ الله، محمد ابراهيم، منظور، عبدالستار، غلام عباس، محمد بخش، گل حسن جتوئي ۽ ٻين کين گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اهڙو ڪيس گهر واري شهزادي مغيري جي فرياد تي حد جي ميروخان ٿاڻي تي داخل آهي پر واقعي کي اڍائي مهينا گذرڻ جي باوجود پوليس پٽ جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ويتر قاتلن طرفان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي اهڙيون درخواستون آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اماڻيون جن هن وقت تائين ڪي به جوڳا قدم نه آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته ٻنهي پٽن جا خون بيگناهه لڙهي ويندا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول پٽن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت اسين پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.