ميهڙ ۾ ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا، 3 ڦورو سوگها، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ميھڙ (ت ر)ميھڙ گل ڪالوني ۾ چار ھٿياربند ميونسپل ملازم اشرف درياڻي جي گھر ۾ داخل ٿي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي گھر ڀاتي سجاڳ ٿيڻ ۽ رڙين تي پاڙي وارن گڏجي ٽن ڦورن کي پڪڙي ورتو گھر مالڪ اشرف درياڻي  صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته رات جي اونداھي ۾ ڦورو گھر ۾ داخل ٿيا ته اسين سجاڳ ٿي پياسين گھر ڀاتين جي رڙين تي پاڙي وارن جي مدد سان 3 ڦورن کي پڪڙيو آھي جنھن جي سڃاڻپ بشير ٻگھيو، ساد پٽ شمن ٻگھيو ۽ سرفراز عرف دوڳلو پٽ علي اصغر چانڊيو ٿي آھي. ھن چيو ته اسان ٽنھي ڦورن کي تمندار صدا حسين چانڊيو جي معرفت پوليس حوالي ڪيو آھي پر اسان کي شڪ آھي ته پوليس پئسا وٺي ڦورن کي ڇڏي نه ڏئي.

سيوهڻ ۾ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار شاگرد مرڻينگ

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي ڊگري ڪاليج ڀرسان باء پاس وٽ تي سامهون کان ايندڙ نامعلوم گاڏيءَ جو موٽرسائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 6 ڪلاس ۾ پڙھندڙ 12 سالن جو شاگرد راحيل ولد وڪيل چنا  ويٺل سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي حادثي  واري جاء تي موجود شھرين بروقت سيوهڻ اسپتال پھچايو ۽ کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته راحيل چنا آرمي اسڪول سيوھڻ مان موڪل ٿيڻ بعد اسڪول کان واپس ڳوٺ بچل چنا وڃي رھيو ھو ته نامعلوم گاڏي کيس ٽڪر ھڻي فرار ٿي وئي آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي. جڏهن ته سيوھڻ پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.