عوامي آواز جي سڏ تي ثقافتي تقريبون شروع، گهوٽڪي ۾رهاڻ، شاهه جي وائي پيش

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ 6 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي عيد جي حوالي سان سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، پيپلز پارٽي جي ضلعي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري عبدالمجيد  لاکو ۽ سٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالغني لاکي پاران پارٽي آفيس ۾ ثقافتي رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر لاکي، مجاهد عبدالمجيد لاکي. عبدالغني لاکي، منٺار علي ابڙي، آغا بلاول پٺاڻ، ڊاڪٽر ياسين لولائي،  سارنگ ڪلادي، صحافين نياز چنا، الهورايو بوزدار، مشتاق لغاري، آزاد مهر , يونس ڀٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي درگاهه ڀٽ شاهه جي فقيرن قمبر لنجواڻي ۽ انور خاصخيلي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڀٽائي جي وائي ۽ بيت ٻڌائي ماحول کي مچائي ڇڏيو،ان کانسواءِ مقامي راڳي احمد ڪلادي “ سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ گيت ٻڌايو ته ماڻهن کيس ڀرپور داد ڏنو، تقريب ۾ شريڪ صحافين ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا،  ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ اڳواڻن چيو ته ثقافت سنڌين جي سڃاڻپ آهي، سنڌي ماڻهو هر سال جيان هن ڀيري به قومي عيد ڀرپور نموني ملهائيندا، هنن چيو ته سنڌ جي وحدت تي وار ٿي رهيا آهن، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهن کي قومي عيد تي متحد ٿيڻ جواب ڏيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ دشمنن جا اردا ناڪام ٿين، هنن چيو ته پ پ جي ضلعي صدر مير بابر لنڊ جي هدايتن تحت ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو.

سجاول ۾ امير البحر تنظيم طرفان ثقافتي ميڙاڪو

سجاول (رپورٽ:امتياز علي سومرو) سجاول ۾ اميرالبحر تنظيم پاران شاندار ثقافتي تقريب، خبر موجب سجاول ۾ اميرالبحر تنظيم  پاران ملاحن جي  ڏھاڙي تي سجاول ڪاليج گرائونڊ تي ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل وڏي تعداد ۾ مردن ۽ عورتن  ثقافتي لباس ۾ شرڪت ڪئي  تقريب ۾ مقررن خطاب ڪندي ملاحن جي زندگي ۽ سنڌ جي ثقافت تي روشني وڌي وئي ، تقريب ۾ موجود  ايم پي اي تاج محمد ملاح، سردار انور ملاح، پروفيسر عبدالله ملاح منور ملاح عثمان علي مير ملاح اميرالبحر  سنڌ جي صدر رابيعه ملاح  پ پ ليڊيز ونگ ضلعي سجاول جي صدر فردوس عزيز ملاح  ياسمين ملاح ۽ ٻين  ڳالهائيندي چيو  ته اڄوڪو ڏينهن اسانجي خوشي جو ڏينهن ھوندو آھي پر ھن وقت سنڌ جي ٻيٽن ۽ ملاحن جي سامونڊي گذر گاھن تي قبضن جي سازش جيڪري سادگي سان ملهائي رھيا آھيون .  ھنن چيو ته ملاحن کي ھن وقت گذر سفر ۾ تمام گهڻا مسئلا درپيش آھن سنڌ جي ٻيٽن ڊنڍن ڊورن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آھڻ ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ملاحن سان نا انصافيون ھڪدم بند ڪيون وڃن تقريب ۾ مظهر ملاح  آڪاش ملاح علي حسن پارھيڙي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته تقريب ۾ سريلن فنڪارن پاران قومي گيت پيش ڪيا ويا

ڪراچي ۾يونيورسٽي جي شاگردن جي ثقافتي ريلي

ڪراچي (رپورٽ- عارف نائچ)  ڪراچي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌي شاگردن پاران اقرا يونيورسٽي کان دو درياهه  تائين ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ثقافتي گيتن تي شاگرد رڪس ڪندا رهيا . ريلي جي اڳواڻي احمد بخش ناريجو ، ثاقب بليدي، عبدالحادي پهوڙ، دانيال ڪنڀار ، نارائڻ نيتاڻي، ڪئلاش راٺوڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته  هر سال جيان هن سال به اقرا يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن پاران ريلي ڪڍي وئي آهي، اسان پوري جوش جذبي پنهنجي سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو دل سان ملهائيندا آهيون،  اسان جو سنڌ هر دشمن کي اهو پيغام آهي ته جيڪو به سنڌ تي ميري اک کڻندو ان جو اکيون ڪڍنداسين ۽ وفاق کي اهو ٻڌائن ٿا چاهيون ته سنڌ جي ٻيٽن جي ناجائز قبضو نه ڪيو وڃي. هنن چيو ته اڄ اسان ان ريلي ۾ شريڪ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. ، اسان جو اهو پيغام آهي ته اسان سنڌ جي خلاف سازش ڪندڙن جي خلاف ڪنهن به وقت گڏجي مزاحمت ڪري سگھون ٿا. هن ريلي سموري سنڌ جا ماڻهو اسان سان شريڪ ٿيا آهن. سندن چوڻ هو ته اسان شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل جي پرزور مذمت ڪيون ٿا، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا منظور نه آهن جيڪڏهن به سنڌ جي انچ تي به قبضي جي سازش ڪئي ته اسان شاگرد پهرين صف ۾ موجود هونداسين. ريلي ۾ موجود شاگردن قومي گيتن تي تقص ڪندا رهيا ۽ ريلي مختلف رستن تان ٿيندي دو دريا وٽ پهتي جتي شاگردن سنڌ جو قومي گيتن تي رقص ڪندي ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

هالاڻي ۾ثقافتي ڏهاڙي جون تياريون تيز، گڏجاڻيون

هالاڻي (ن ع آ) هالاڻي ۾  6 ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن سنڌ اسان جي جند جي سري هيٺ  ملهائڻ جي حوالي سان تياريون هلندڙ مختلف  تنظيمن پاران ايڪتا عيد جو ڏهاڙو شاندار نموني ملهائڻ جا اعلان ۔ان ڏس ۾ پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي اڳواڻ منظور علي خاصخيلي چيو آهي تہ هر سال وانگر هن سال بہ ايڪتا عيد جي ڏهاڙي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي ڀرپور نموني سان ملهائنداسين ڇاڪاڻ تہ ايڪتا ڏهاڙو سنڌ جي قومي عيد جو ڏينهن آهي ڪمال سولنگي اسڪول جي هيڊ ماستر ديدار علي ۽ عاشق سولنگي چيو تہ ايڪتا جي ڏهاڙي جي حوالي سان اسڪول اندر پروگرام منقعد ڪيا ويندا ۽ ريلي پڻ ڪڍي ويندي جنهن لاء تياريون شروع ڪيون ويون آهن.  چانگ برادري جي حزب الله چانگ چيو تہ  "سنڌ اسان جي جند "جي سري هيٺ سنڌي مڊيا سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي اسين ايڪتا ڏهاڙي سنڌي ويس پائي ملهائينداسين پ پ يوٿ ونگ جي اڳواڻ علي رضا خاصخيلي ، شاهد چانڊيو چيو تہ ايڪتا ڏهاڙو سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي عيد جو ڏينهن آهي جنهن تي سڄي سنڌ ثقافت جي هڪ لڙي ۾ پوئجي وڃي ٿي پ پ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ لياقت خاصخيلي ، عبدالرحمن ملاح ، مهتاب مڱريو ، وقار خاصخيلي ، اعواڻ برادري ، واپاري ، شهرين ۽ ٻين تنظيمن  بہ  6 ڊسمبر "سنڌ اسان جند” ايڪتا ڏهاڙي جي آجيا ڪندي ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ورجايو آهي.

ڊکڻ ۾ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مچ ڪچهري

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ مچ ڪچهري منقعد ڪئي وئي، سگهڙن ڀٽائي جا ڏور بيت ۽ وايون ٻڌايون، سنڌي گيتن تي جهمريون هنيو  ويون، ڳوٺ لونگاڻي ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان   عمران جوڻيجو پاران زبردست مچ ڪچهري تقريب ڪوٺائي ڪئي وئي،  مچ ڪچهري تقريب ۾ سگهڙن حافظ عبدالستار ميربحر قاصم شيخ ڀٽائي جا بيت ٻڌائي، ويٺل ماڻهن کي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي مشهور صوفي راڳي مجيد سيال سنڌي گيت ٻڌائي، ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،  ڇھ ڊسمبر عيد جون ڏينهن آهي، ان ڪري ڪلچر ذريعي امن محبت ڀائيچاري جو درس ڏينداسين عمران جوڻيجو پوري سنڌ جيان ڊکڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾  سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.  ان موقعي تي ڊکڻ لڳ ڳوٺ لونگاڻي شريف ۾ عمران جوڻيجو جي رهائش گاھ تي جوڻيجا برادري پاران مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ 6 ڊسمبر سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو  ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو پڻ وچن ڪيو ويو. جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي مشهور صوفي راڳي عبدالمجيد سيال يڪتارو چپڙي تي سنڌ شاد هجي آباد هجي. ۽ سنڌ جو قديمي لاڏو هو جمالو ڳائي ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ جي مشهور سگهڙن حافظ عبدالستار ميربحر. محمد قاسم شيخ . ڀٽائي جي وائي پيش ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو. مچ ڪچهري ۾ حافظ عبيد ﷲ. ميان محمد فضل. مسعود جوڻيجو. يار محمد بروهي. مشتاق بخاري. استاد محمد اسلم منگي لال ڏنو ٿهيم. پريس.ڪلب ڊکڻ جي صدر  اڪرم چانڊيو ڪريم بخش ڌاريجو ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. جڏهن ته عمران خان جوڻيجو جاويد احمد جوڻيجو ۽ ٻين پاران سنڌ جي پراڻي رسم ۽ رواج مطابق سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مچ ڪچهري ۾ شريڪ مهمانن کي اجرڪ ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

جسقپ پاران کور واهه ويجهو ثقافتي تقريب

حيدرآباد  )پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران  کورواهه لڳ ڳوٺ عيسب لاشاري ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن دوران نوجوانن اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي پنهنج ثقافت  سان محبت جو ثبوت ڏنو. انھي موقعي تي انساني زنجير به ٺاھي وئي ۽ ايڪي ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏنو ويو. انھي موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ قادربخش زئور، رمضان لاشاري، ڪارو لاشاري، گلاب لاشاري، خدا ڏنو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ثقافت جا رنگ نکرڻ شروع ٿي ويا آھن. سنڌي قوم پنھجي ثقافت سان اڻمئي محبت ۽ اٿاهه پيار ڪري ٿي. سنڌ جي ميڊيا ثقافت جا ڏينھن ملهائي قوم کي ھڪ سڳي ۾ پوئي ڇڏيو آهي، ان ڪري اڄ سڄي سنڌ اجرڪن ۽ ٽوپين سان جرڪي پئي. هنن چيو ته جن به قومن کي پنھنجي ثقافت آھي اھي قومون پنھنجو وجود صدين تائين بحال رکن ٿيون. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي پارٽي سربراهه نواز خان زئور پنهنجي موڪليل پيغام ۾ چيو ته سنڌي ثقافت ۾ ايتري سگھه آهي، جو اها صدين جي سفر ۾ سنڌي قوم کي اڳتي وٺي آئي آهي ۽ آئندا به ان کي اڳتي وٺي هلي سگھي ٿي. ثقافت قومن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي. اسان سنڌين کي پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تي فخر آهي. اسان جي ثقافت اسان جي روح جي بدن جو رنگين لباس آهي، جيڪو اسان کي دنيا ۾ منفرد ۽ يگاني سڃاڻپ بخشي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ٻيٽن ۽ شهرن تي ڌارين جا قبضا ٿيڻ سان اسان جي ثقافت کي وڏو نقصان رسندو. سنڌ بچائڻ جي جدوجهد بنيادي طور تي سنڌي ثقافت کي بچائڻ جي جدوجهد ئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.